اداڪارا سجل علي جو شادي جو مشورو ڏيندڙ مداح کي جواب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ناليواري اداڪارا سجل علي کي سندس مداح جلد شادي ڪرڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو.
تازو ئي هڪ اسڪرين شاٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو آهي جنهن ۾ اداڪارا طرفان شادي جو چوندڙ سوشل ميڊيا واهپيدار کي جواب ڏنو ويو آهي.
سجل علي گذريل شامل هڪ تصوير انسٽاگرام تي پوسٽ ڪئي جنهن تي واهپيدارن مختلف تبصرا ڪيا، انهن مان ئي هڪ واهپيدار سجل جي پوسٽ تي لکيو ته ”شادي ڪري ڇڏ هاڻي قيامت ويجهو آهي“.
اداڪارا پاران واهپيدار کي ان ان مشوري جو جواب ڏيڻ مناسب سمجهيو ويو ۽ هن چيو ته شادي جو قيامت سان ڪهڙو واسطو ڀاءُ؟
واضح رهي ته سجل علي ۽ اداڪار احد رضا مير جي شادي 2020ع ۾ ٿي هئي.
ان کان پوءِ 2022ع ۾ خبرون سامهون آيون هيون ته سجل ۽ احد وچ ۾ طلاق ٿي چڪي آهي پر اهڙين افواهن تي ٻنهي اداڪارن پاران ڪو به ردعمل نه ڏنو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.