صدر عارف علوي کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر عارف علوي کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي.
صدر جي برطرفي جي درخواست هڪ شهري داخل ڪرائي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ صدر جي جانبداري ۽ مس ڪنڊڪٽ خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏئي، صدر عارف علوي جيڪڏهن مس ڪنڊڪٽ جو ذميوار نڪري ته کيس عهدي تان هٽايو وڃي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صدر جانبدار آهي ۽ ملڪي سربراهه جي عهدي تي رهڻ جو اهل ناهي، صدر پنهنجي عهدي تي غير جانبداري سان ڪم نه پيو ڪري، صدر پنهنجي آئيني ذميواري کي پٺي ڏيندي عهدي جو ناجائز استعمال ڪري رهيو آهي.
درخواست موجب عارف علوي پنهنجي آفيس کي تحريڪ انصاف جي حق ۾ استعمال ڪري رهيو آهي، صدر چونڊن جي تاريخ نه ڏئي پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون نه ڪيون، هن آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جهڙن معاملن تي سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪيا، صدر آرمي ايڪٽ ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تي صحيحون نه ڪري پنهنجي جانبداري جو ثبوت ڏنو.
شهري جي درخواست ۾ صدر عارف علوي، ان جي سيڪريٽري ۽ قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ڌر بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.