پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي فاسٽ بالر حارث رئوف اڄڪلهه پنهنجي مٿان ٿيندڙ تنقيد تي تمام گهڻو پريشان آهي.
قومي ٽيم جي نئين چيف سليڪٽر وهاب رياض ويهه نومبر تي هڪ پريس ڪانفرنس دوران آسٽريليا جي دوري لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ۽ گڏوگڏ حارث رئوف کي ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ کان انڪار تي تنقيد جو نشانو بڻايو هو.
حارث رئوف اڄڪلهه نيشنل ٽي ٽوئنٽي چيمپيئن شپ لاءِ ڪراچي ۾ موجود آهي ۽ سندس ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ ذهني ۽ جسماني لحاظ کان بهترين حالت ۾ رهڻ چاهي ٿو.
حارث رئوف ڀارت ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ دوران فاسٽ بالرن مٿان تنقيد ڪندڙن تي ڏاڍو ناراض آهي، جن ماڻهن کي ڪرڪيٽ بابت ڪا ڄاڻ ناهي اِهي به مٿس تنقيد ڪري رهيا آهن ۽ ٽورنامينٽ دوران وڪيٽون نه وٺڻ تي سوال اُٿاري رهيا آهن.
حارث جي ويجهن ذريعن موجب، هڪ فاسٽ بالر کي ذهني طور فٽ ۽ ڊگهي فارميٽ واري ڪرڪيٽ لاءِ تيار هجڻ ضروري آهي، حارث جو خيال آهي ته هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏڻ لاءِ جسماني ۽ ذهني طور صحيح حالت ۾ نه آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته حارث ٽيسٽ ۽ ٻين عالمي ايونٽن لاءِ جسماني ۽ ذهني طور تيار رهڻ لاءِ راند جي مختصر فارميٽ( ٽي ٽوئنٽي) تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، انڪري هو رڳو ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو سوچي رهيو آهي.
Prev Post
You might also like