ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ انتهائي افسوس جوڳو واقعو پيش آيو آهي جتي هڪ عورت مڙس کي سالگرهه لاءِ دبئي نه وٺي وڃڻ تي مُڪ هڻي ماري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب پوليس ٻڌايو آهي ته مهاراشٽرا رياست جي شهر پوني ۾ 31 ورهين جو شخص زال پاران مبينا طور تي منهن ۾ مُڪ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو ڇو جو سندس زال سالگرهه تي دبئي نه وٺي وڃڻ سبب مڙس کان رٺل هئي.
ڄاڻايل شخص جو نالو نکل کنا هو جيڪو هڪ ريئل اسٽيٽ ڊويلپر هو.
پوليس موجب جاچ دوران اها ڳالهه سامهون آئي ته ان شخص جي 36 ورهين جي زال رينوڪا جي 18 سيپٽمبر تي سالگرهه هئي، رينوڪا پنهنجي سالگرهه دبئي ۾ ملهائڻ چاهي پئي پر سندس مڙس هن جو مطالبو پورو نه ڪيو.
انهيءَ ڳالهه تي ٻنهي ۾ جهيرو ٿيو، ان دوران ڪاوڙ ۾ اچي عورت پنهنجي مڙس جي نڪ تي مُڪ هنئين جنهن سبب گھڻو رت وهڻ ڪري هو بيهوش ٿي ويو.
پوليس موجب پاڙيسرين جو اطلاع ملڻ تي پوليس ٿڏي تي پهچي وئي ۽ متاثر شخص کي اسپتال کڻي وئي جتي کيس مُئل قرار ڏنو ويو.
پوليس اهلڪار ٻڌايو ته ان ڳالهه جي جاچ ڪئي پئي وڃي ته عورت پنهنجي مڙس کي مُڪ هنئين آهي يا ڪنهن ٻي شيءِ سان ماريو اٿس، پر موت جو اصل سبب پوسٽ مارٽم کان پوءِ ئي خبر پئجي سگھندو.
جوابدار عورت کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
Next Post
You might also like