آسٽريليا جو دورو، شان مسعود بابت بابر اعظم جو بيان وائرل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم چيو آهي ته نئين ڪپتان شان مسعود وٽ پنهنجي صلاحيتون ڏيکارڻ جو سٺو موقعو آهي.

هڪ بيان ۾ هن چيو ته جيڪي نوان رانديگر آيا آهن انهن لاءِ سٺو موقاعو آهي ته هو عالمي پليٽ فارم تي پنهنجي صلاحيتن ذريعي مُلڪ جو نالو روشن ڪن.

ٻئي پاسي پي سي بي ڊائريڪٽر محمد حفيظ جو چوڻ آهي ته آسٽريليا جهڙا دورا ريگيولر بنيادن تي ٿيڻ گهرجن،ٻنهي ملڪن ۾ ٻه طرفي سيريز وڌ کان وڌ ٿيڻ گهرجي.

هن وڌيڪ چيو ته آسٽريلوي رانديگرن کي به گهرجي ته هو پاڪستان جو دورو ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.