پي ايس ايل 9: نسيم شاهه ڪوئيٽا کي ڇڏي ڏنو، ڪهڙي ڏانهن کيڏندو؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) قومي ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه جي حوالي سان اطلاع آهن ته هو پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل ) جي نائين ايڊيشن ۾ ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو حصو نه هوندو.
ذريعن موجب، نسيم شاهه جي ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز طرفان نه کيڏڻ کانپوءِ کيس سلام آباد يونائيٽڊ پنهنجي ٽيم ۾ شامل ڪري ورتو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته فاسٽ بالر ۽ پي ايس ايل فرنچائز وچ ۾ نوي سيڪڙو معاملا طئي ٿي چڪا آهن.
ذريعن موجب، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز نسيم شاهه جي جاءِ تي اعظم خان کي شامل ڪرڻ جو خواهشمند آهي جڏهن ته جڏهن ته پي ايس ايل جي نائين ايڊيشن ۾ محمد وسيم جونيئر کي به ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جو حصو بڻائڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نسيم شاهه ذاتي سبب جي بنياد تي گليڊي ايٽرز کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.