هونئن ته اوهان يقينن ڌاڙا ۽ چوري جا واقعا ٻڌا هوندا جتي جوابدار کي پڪڙيو ويندو آهي پر تازو ئي چين ۾ اهڙو واقعو پيش آيو آهي جنهن بابت اوهان نه ٻڌو هوندو.
رپورٽ موجب اولهه چيني صوبي ينان ۾ 8 نومبر تي يانگ نالي شخص چوري جي نيت سان هڪ گھر ۾ داخل ٿيو ته کيس اندران ڳالهائڻ جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جنهن تيه هو گٻرائجي ويو.
چور فيصلو ڪيو ته جيستائين گھر جا سڀ ماڻهو نٿا سمهن تيستائين هو هڪ ڪمري وڃي انتظار ڪندو ۽ گھر ڌڻين جي سمهڻ کان پوءِ واردات ڪندو، اهو ئي سوچ هو هڪ ڪمري ۾ ويو ۽ سگريٽ ڇڪڻ بعد کيس ننڊ اچي وئي.
يانگ جيڪو چوري جي نيت سان گھر ۾ گھڙيو هو اهو ان ڪمري ۾ انتظار ڪندي سمهي پيو.
گهر جي مالڪڻ تانگ نالي عورت جڏهن ۾ سمهڻ وئي ته کيس کونگھرن جو آواز آيو جنهن کي هن پاڙيسرين جي گھر مان ايندڙ آواز سمجهي نظرانداز ڪري ڇڏيو، بعد ۾ جڏهن کونگھرن لاڳيتو ايندا رهيا ته عورت آواز ڏانهن وک وڌائي جيڪا کيس پنهنجي ئي گھر جي ڪمري ڏانهن وٺي وئي.
هن جڏهن ڪمري جو در کوليو ته هڪ اڻڄاتل شخص کي فرش تي سمهندي ڏسي حيرات ٿي وئي.
تانگ جلدي ڪمري مان ۽ پنهنجن گھروارن کي ٻڌايو ته پوليس کي گھرايو، جنهن کان پوءِ چور کي گرفتار ڪيو ويو.
رپورٽس موجب يانگ جو ڪرمنل رڪارڊ به هو، گذريل سال به کيس چوري جي واردات ۾ ملوث هجڻ تي جيل موڪليو ويو هو.
Prev Post
You might also like