نشي جي عادي والدين 74 هزار رپين ۾ پنهنجا 2 ٻارڙا وڪرو ڪري ڇڏيا

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ نشي جي عادي والدين منشيات خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجا 2 ٻار وڪرو ڪري ڇڏيا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب اهو واقعو ممبئي جي علائقي انڌيري ۾ پيش آيو جتي ممبئي ڪرائيم برانچ ڇاپو هڻي مڙس شبير ۽ سندس زال سميت 2 ڄڻن کي گرفتاري ڪري ورتو.
رپورٽس موجب ڇاپي ۾ پوليس 1 مهيني جي ٻارڙي کي ريسڪيو ڪيو جڏهن ته 2 سالنجو ٻار هيل تائين بازياب ناهي ٿي سگھيو.
شبير ۽ ثانيا گذريل ڪيتري ئي عرصي کان نشو واپرائي رهيا آهن جن سان گڏ شڪيل مڪراڻي ۽ اوشا راٺور نالي ايجنٽ کي گرفتار ڪيو ويو جن ٻارن جي وڪري لاءِ ڪميشن ورتي هئي.
ممبئي ڪرائيم برانچ جي اهلڪار دايا نائڪڪي موجب انڌيري ۾ نشي جي عادت جو شڪار جوڙي پنهنجا 2 ٻار نشو خريد ڪرڻ عيوض وڪرو ڪري ڇڏيا، جيئن جوڙي جي گھروارن کي خبر پئي ته اها ڳالهه ٻيلي ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، جوابدارن ڇوڪري کي 60 هزار رپين ۽ هڪ مهيني جي ٻارڙي کي 14 هزار رپين ۾ وڪرو ڪيو.
ممبئي ڪرائيم برانچ موجب جوابدار شبير جي ڀيڻ روبينا کي واقعي جي خبر پئي ته هن فوري طور تي ٿاڻي تي پنهنجي ڀاءُ ۽ ڀاڄائي خلاف شڪايت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.