راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ٻن رٽائرڊ آفيسرن عادل فاروق راجا ۽ حيدر رضا مهدي کي سزائون ڏنيون ويو آهن.
آءِ ايس پي آر موجب، ٻنهي رٽائرڊ فوجي اهلڪارن کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ذريعي سزائون ڏنيون ويون ۽ رينڪ ضبط ڪيون ويون،
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج جي ٻن رٽائرڊ آفيسرن ميجر رٽائرڊ عادل فاروق راجا ۽ ڪيپٽن رٽائرڊ حيدر رضا مهدي کي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل مڪمل ڪري ٻنهي کي آرمي ايڪٽ تحت سزائون ڏنيون ويون.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب، لاڳاپيل عدالت 7 ۽ 9 آڪٽوبر 2023ع تي ٻنهي آفيسرن کي مناسب عدالتي عمل ذريعي ڏوهي قرار ڏنو.
آءِ ايس پي آر موجب، ميجر رٽائرڊ عادل فاروق راجا کي 14 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي جڏهن ته ڪيپٽن رٽائرڊ حيدر رضا مهدي کي 12 سال سخت پورهئي سان قيد جي سزا ٻڌائي وئي.
پاڪ فوج جي ترجمان جو چوڻ آهي ته سزا فرض سرانجام ڏيڻ ۽ جاسوسي بابت آفيشل سيڪرٽ ايڪٽ 1923ع جي قلمن جي ڀڃڪڙي، رياست جي تحفظ ۽ مفاد جي ابتڙ ڪم ڪرڻ تي ٻڌائي وئي.
ياد رهي ته ٻنهي رٽائرڊ آفيسرن پنهنجي سوشل ميڊيا بيانن ۽ وي لاگز ۾ پاڪ آرمي ۽ اعليٰ آفيسرن خلاف انتهائي ڪِريل ٻولي استعمال ڪندا هئا.
You might also like