ڪراچي:شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳڻ سبب 11 ڄڻا اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي علائقي راشد منهاس روڊ تي شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي وئي آهي، جڏهن ته 35 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن، جن مان 8 جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب 10 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن، هن وقت تائين 46 ماڻهن کي ريسڪيو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 8 زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
فائربرگيڊ عملدارن موجب، راشد منهاس روڊ تي شاپنگ سينٽر ۾ لڳل باهه چوٿين، پنجين ۽ ڇهين ماڙ تائين پکڙجي وئي، جنهن سبب ڪيترائي دڪان سڙي رک ٿي ويا آهن، گهڻ ماڙ شاپنگ سينٽر ۽ ڀرپاسي جي عمارتن جي بجلي بند ڪئي وئي آهي، جڏهن ته باهه تي ضابطو اچي ويو آهي.
نگران وڏي وزير پاران واقعي جو نوٽيس، رپورٽ طلب
ٻئي پاسي سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر شاپنگ سينٽر ۾ باهه لڳڻ جو نوٽيس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
سنڌ جي نگران وڏي وزير 10 ڄڻن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي آهي ته عمارت اندر ڦاٿل ماڻهن کي جلد ريسڪيو ڪيو وڃي.
جسٽس (ر) مقبول باقر جو چوڻ آهي ته عوام جي جان ۽ مال جي ذميواري حڪومت جي آهي، زخمين کي فوري طبي امداد ڏني وڃي.
شاپنگ مال ۾ باهه ڪيئن لڳي؟
ريسڪيو عملدارن جو چوڻ آهي ته عمارت ۾ باهه امڪاني طور شارٽ سرڪت سبب لڳي، شاپنگ سينٽر ۾ باهه وسائڻ جو نظام موجود نه هيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.