سنڌ جي راڄڌاني سميت مختلف ضلعن ۾ برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ )موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سميت مختلف ضلعن ۽ بلوچستان ۾ اڄ برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن سبب گرمي پد گهٽجڻ ۽ ٿڌ ۾ اضافي جو امڪان آهي.
موسميات کاتي طرفان ٿرپارڪر، عمر ڪوٽ، بدين، ميرپور خاص ۽ ٺٽي جي ڪجهه حصن ۾ آنڌاري ۽ مينهن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
ان کانسواءِ ڇنڇر يعني اڄ ۽ سڀاڻي ڄامشوري ۽ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
موسميات کاتي موجب، اولهه جي هوائن سبب اڄ اولهه ۽ ڏکڻ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ پنجاب جي ڪجهه علائقن ۾ صبح جي وقت ۾ ڪوهيڙي جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.