اڪيلائپ روز 15 سگريٽ ڇڪڻ کان وڌيڪ خطرناڪ قرار، عالمي اداري خبردار ڪري ڇڏيو

جيئن ننڊ پوري نه ٿيڻ، متوازن خوراڪ جو استعمال نه ڪرڻ ۽ سگريٽ ڇڪڻ صحت لاءِ گھڻو هاڃيڪار آهي، ائين ئي ”اڪيلائپ“ به اوهان جي صحت تي تمام هاڃيڪار اثر وجهندي آهي.
صحت جي عالمي اداري اڪيلائپ کي صحت لاءِ سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏيندي چيو آهي ته ان جا اثر ائين موتمار آهن جيئن اوهان جي صحت تي ڏينهن ۾ 15 سگريٽ ڇڪڻ جا اثر پوندا آهن.
آفريقن يونين جي يوٿ جي نمائيندي چيڊو مپمبا موجب اڪيلائپ سڄي دنيا ۾ صحت، تندرستي ۽ ترقي جي هر رخ کي متاثر ڪري رهي آهي ان ڪري هاڻي اها عام صحت جي عالمي ڳڻتي جو سبب بڻجي رهي آهي.
ڊبليو ايڇ او دعويٰ ڪئي آهي ته ننڍي عمر جي ماڻهن ۾ اڪيلائپ جو اهو تناسب هر 15 مان 5 آهي جڏهن ته 4 مان 1 ضعيف فرد سماجي اڪيلائپ جو شڪار آهي.
ڊبليو ايڇ او پاران نئين ڪميشن بنائڻ جو اصل سبب اسڪاٽلينڊ جي يونيورسٽي آف گلاسڪو جي نئين تحقيق آهي جنهن ۾ اها خبر پئي آهي ته دوستن يا خاندان سان گڏجي نه رهڻ سان جلد موت جو خطرو 39 سيڪڙو وڌي سگھي ٿو.
ان تحقيق ۾ تقريبن 458،000 وچولي عمر جي ماڻهن جو تقريبن 12 سالن تائين جائزو ورتو ويو، جڏهن ته ان تحقيق دوران تقريبن 33،000 ماڻهو لاڏاڻو ڪري ويا.
تحقيق مان خبر پئي ته مهيني ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو دوستن ۽ گھرڀاتين سان ملڻ گھڻو ضروري آهي، جڏهن ته رڳو فون تي ڳالهائڻ يا سطحي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سان وقت کان اڳ موت جي خطري کي نٿو ٽاري سگھجي.
هڪ اڳوڻي تحقيق مان ان ڳالهه جو انڪشاف ٿيو هو ته اڪيلائپ اسٽريس، مايوسي، ڪمزور قوت مدافعت، دل جي مسئلن ۽ ايتري تائين جو دماغ سسڻ جي خطري کي وڌائي ڇڏيندي آهي.
ماهرن جو ان حوالي سان چوڻ هو ته ان لاءِ اهڙا قدم کڻڻ ضروري آهي جيئن تماڪ جي واهپي، ٿولهه ۽ مختلف عادتن کي منهن ڏيڻ لاءِ کنيا ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.