ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر تعليمي بورڊز ۾ ضابطن جي خلاف مقرر اعليٰ آفيسرن خلاف ايڪشن کڻندي ڪراچي انٽربورڊ، سنڌ ٽيڪنيڪل بورڊ ۽ لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي چيئرمينز کي هٽائي ڇڏيو.
تعليمي بورڊز جي چيئرمينز کي هٽائڻ جو باقاعدا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي جنهن ۾ نوابشاهه، ميرپورخاص، ڪراچي انٽر بورڊ، سکر بورڊ، لاڙڪاڻو بورڊ جي چيئرمينز، سيڪريٽريز ۽ آڊٽ آفيسرن کي به عهدن تائين هٽايو ويو آهي.
پڌرائي موجب نگران وڏي وزير حيدرآباد بورڊ جي سيڪريٽري شوڪت خانزادا کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو جڏهن ته حيدرآباد بورڊ جي آڊٽ آفيسر ظهر الدين شيخ کي به عهدي تان هٽائيندي کيس حيدرآباد بورڊ جي هيٽ آفيس رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
پڌرائي موجب غلام مصطفيٰ ٻوڪ کي لاڙڪاڻو بورڊ جي آڊٽ آفيسر جي عهدي تان هٽائ ڊپٽي ڪنٽرول کي عهدي تي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته نديم سومري کي لاڙڪاڻو بورڊ جي چيئرمين جي عهدي تان هٽائي هيومن سيٽلمينٽ کاتي ۽ سول هائوسنگ رپورٽ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ان سان گڏ سيد عاشق شاهه کي لاڙڪاڻو بورڊ جي ايڪٽنگ سيڪريٽري جي چارج تان هٽايو ويو آهي.
پڌرائي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميرپورخاص بورڊ جي چيئرمين عليم خانزادا کي عهدي تان هٽائي کيس نائب چيئرمين رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
جسٽس (ر) مقبول باقر سکر بورڊ جي سيڪريٽري محمد سلمان کي هٽائي ڇڏيو ۽ کيس ڊپٽي سيڪريٽري سکر بورڊ جي عهدي تي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سکر بورڊ جي چيئرمين عبدالفتاح مهر کي به عهدي تان هٽائي سکر بورڊ جو سيڪريٽري رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ان کانسواءِ سکر بورڊ جي آڊٽ آفيسر غلام قادر ڌاريجو کي به هٽايو ويو آهي.
نگران وڏي وزير بورڊ آف سيڪنڊري ايجوڪيشن ڪراچي جي چيئرمين خالد احسان کي عهدي تان هٽائي سندس اصل پوسٽ ڊپٽي ڪنٽرول جي عهدي تي رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
Prev Post
You might also like