ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سموري صوبي جي مفرور جوابدارن جي گرفتاري بابت ڪيس ۾ ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي ۽ سنڌ جي گهرو کاتي جي رپورٽ موجب 50 هزار 58 مفرور جوابدارن مان هڪ هزار 632 جوابدار گرفتار آهن ۽ 3 هزار 16 مفرور جوابدارن ضمانت ورتي آهي.
8 هزار کان وڌيڪ جوابدارن کي لسٽ مان ڪڍيو ويو آهي ۽ 36 هزار کان وڌيڪ مفرور جوابدار هن وقت تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا.