دهشتگردن جي خاتمي جو عزم، نيڪٽا جو اجلاس

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران گهرو وزير سرفرا بگٽي جي صدارت هيٺ نيڪٽا جو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ نگران گهرو وزير کي بريفنگ ڏني وئي.

اجلاس ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته دهشتگردن جو هر صورت ۾ خاتمو آندو ويندو، دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي ملڪ ۾ جٽادار امن قائم ڪيو ويندو.

نگران گهرو وزير موجب سوشل ميڊيا ذريعي نفرت پکيريندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

سرفراز بگٽي يو ته واپارين، سيڙپڪارن ۽ صنعتڪارن کي تحفظ فراهم ڪيو ويندو، چئني صوبن ۾ دهشتگردي خلاف ڪم ڪندڙ ادارن کي مضبوط ڪنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.