ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر شهري ۾ صفائي جي خراب صورتحال تي اجلاس طلب ڪندي سنڌ سولڊ ويسٽ مئنيجمينٽ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ سمورين سوڪ ايجنسين جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ميئر ڪراچي، ڪمشنر ڪراچي، ناڻي واري، ٽرانسپورٽ، مڪاني ادارن ۽ ورڪس سيڪريٽريز سميت ڪراچي جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرز ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ نگران وڏي وزير سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ جي ڪم تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سمورن ادارن کي هدايتون جاري ڪيون آهن پر شهري جي حالت بهتر ناهي ٿي، صفائي ناهي، گٽر وهي رهيا آهن، پولن ۾ تارن جا ڄار بڻيل آهن، شهري جي خوبصورتي ته پري جي ڳالهه آهي پر پهريان مسئلا ته حل ڪريو.
نگران وڏي وزير سولڊ ويسٽ کي حڪم ڏيندي چيو ته مون کي شهر صاف ڪري 4 ڏينهن ۾ رپورٽ ڪريو، شهر ۾ صفائي جو ڪم ڪندڙ ڪمپنين کي عوام پئسو ڏيندو آهي، انهن ڪمپنين کان ڪم وٺڻ سولڊ ويسٽ ۽ ٽائونز جو ڪم آهي، شهر ۾ هر پاسي گندگي آهي، هاڻ آئون ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪندس.
اجلاس ۾ واٽر ڪارپوريشن جي سي اي او اسد الله بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اسڪيم 33 ۽ اورنگي جي علائقن ۾ پاڻي جي نيڪالي جو نظام ناهي، ننڍن پلاٽن تي ٺهيل رهائشي ٽاورز جا گٽر وهن ٿا، صفائي ۽ پاڻي جي نيڪالي جا مسئلا حل ڪرڻ سولڊ ويسٽ ۽ ڪينٽونمينٽ بورڊ جو ڪم آهي.
ان تي نگران وڏي وزير چيو ته ڪي ايم سي ۽ ڪينٽونمينٽ بورڊ ايندڙ هفتي اجلاس ڪري اختياراتي معاملا حل ڪن، ڪراچي ۾ 3 لک گٽر ۽ مين هولز آهن.
ان دوران ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته گٽرز جا ڍڪڻ هاڻ فائبر جا ٺاهڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، فائبر مان ٺهيل گٽر جا ڍڪ چوري نه ٿيندا، شارع فيصل جي خوبصورتي تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، نيو ناظم آباد ۽ بنارس روڊ تي استرڪاري جو فيصلو ڪيو آهي ۽ روڊ جي پاڻي جي نيڪالني جو لائنون وڇايون ويون آهن.
Prev Post
You might also like