ملڪ ۾ سون جي مُلهه ۾ معمولي گھٽتائي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ معمولي گھٽتائي ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سڄي ملڪ ۾ سون جي في تولو قيمت 150 رپيا گھتجي 2 لک 15 هزار 700 رپيا ٿي وئي.
ايسوسيئيشن موجب اهڙيءَ طرح 10 گرام سون جو ملهه 129 رپيا گھٽيو آهي جنهن کان پوءِ 10 گرام سون مارڪيٽ ۾ هڪ لک 84 هزار 928 رپيا ٿي ويو آهي.
ٻي پاسي عالمي بازار ۾ سون جو ملهه 3 ڊالر گھٽجي 1993 ڊالر في اونس رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.