لاهور (ويب ڊيسڪ ) نيشنل ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ سڀاڻي کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندو، جنهن 18 ٽيمون حصو وٺنديون.
ٽورنامينٽ ۾ مجموعي طور تي 63 ميچون کيڏيون وينديون، پهرين مرحلي ۾32 گروپ ميچون ٿينديون جيڪي 24 کان 28 نومبر تائين کيڏيون وينديون جنهن کانپوءِ سپر 8 مرحلو شروع ٿيند، 18 ٽيمن کي چئن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي.
گروپ اي ۾ لاهور وائٽس، پشاور، ڪراچي بلوز، لاڙڪاڻو ڪوئيٽا شامل آهن، گروپ بي ۾ لاهور بلوز، ڪراچي وائٽس، اسلام آباد، حيدرآباد ۽ ڊيرا مراد جمالي جون ٽيمون آهن، گروپ سي ۾ راولپنڊي، ايبٽ آباد، فيصل آباد ۽ بهاولپور کي رکيو ويو آهي جڏهن ته گروپ ڊي ۾ ملتان، سيالڪوٽ، فاٽا ۽ آزاد ڄمون ڪمشير شامل آهن.
ٽورنامينٽ جي ميچون چئن مختلف گرائونڊز ۾ کيڏيون وينديون جنهن ۾ نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم، يو بي ايل اسپورٽس ڪمپليڪس، هاءِ پرفارمنس سينٽر اوول گرائونڊ ۽ نيشنل بئنڪ اسپورٽس ڪمليڪس شامل آهن.
نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ تمام ميچون پي ٽي وي اسپورٽس تي براڊ ڪاسٽ ٿينديون جڏهن ته پرڏيهه لاءِ يوٽيوب تي لائيو اسٽريمنگ ٿيندي.
هر گروپ مان ٻه ٽاپ ٽيمون سپر ايٽ مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪنديون، سپر ايٽ مرحلو پهرين کان اٺ ڊسمبر تائين رائونڊ رابن ليگ جي بنياد تي کيڏيو ويندو .
ٽورنامينٽ جا ٻئي سيمي فائنل نوَ ڊسمبر تي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ منجهند ٽين وڳي ۽ رات اٺين وڳي کيڏيا ويندا، جڏهن ته فائنل ڏهه ڊسمبر تي ايونٽ جي ٻن بهترين ٽيمن وچ ۾ نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ رات اٺين وڳي کيڏيو ويندو.
Prev Post
You might also like