نوڪري جو ڏٽو ڏئي يتيم ناري جي لڄ لٽي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ يتيم ڇوڪريءَ کي نوڪريءَ جي لالچ ۾ اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.

رائيونڊ جي علائقي ۾ يتيم ڇوڪريءَ کي نوڪري ڏيارڻ جي لالچ ۾ نه رڳو شراب پياري اجتماعي زيادتي ڪئي وئي پر ڇوڪريءَ جي وڊيو به ٺاهي کيس بليڪ ميل ڪيو ويو.

پوليس موجب ڇوڪريءَ جا ماءُ پيءُ فوت ٿي ويا آهن ۽ هوءَ عورت جي مائٽ سان گڏ رهي ٿي، جنهن ڇوڪريءَ کي موبائل نمبر ڏنو ته هو ڪنهن جي گهر ڪم ڪري.

متاثر يتيم ڇوڪري موبائل نمبر تي رابطو ڪيو ته هڪ شخص ڇوڪريءَ کي ڪار ۾ ويهاريو ۽ گهر وٺي ويو.

گهر ۾ اڳ ۾ ئي هڪ شخص موجود هو، جتي جوابدار ڇوڪريءَ کي شراب پياري زيادتي ڪئي ۽ وڊيو ٺاهي.

پوليس متاثرن جي درخواست تي اڻڄاتل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.