ملڪ سون سوين رُپيا سستو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، پاڪستان ۾ في تولو سون 650 رُپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 15 هزار 850 رُپين جي ٿي ويو آهي.

ان کانسواءِ ڏهه گرام سون جي قيمت 557 رُپيا لاٿ کانپوءِ هڪ لک 85 هزار 57 رُپيا آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ڇهه ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ هڪ هزار 996 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.