عورت محبت جي آڇ تي ڪيترن ڏينهن ۾ فيصلو وٺندي آهي؟

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ان ڳالهه کي نوٽ ۽ محسوس ڪيو ويو آهي ته محبت جي اظهار ۾ مرد ئي اڳرائي ڪندا آهن، پر ڪجهه واقعن ۾ عورتن ان ڪم ۾ مخالف جنس کان گوءِ کڻي وينديون آهن.

نيٺ مرد ئي ڇو محبت جي اظهار ۾ اڳرائي ڪندا آهن؟ ان جو جواب ڄاڻڻ لاءِ ماضي ۾ به ڪيتريون ئي تحقيقون ڪيون ويون آهن جن ۾ ماهرن ڪجهه جينز جي نشاندهي ڪئي ته ڪجهه تحقيقن ۾ ان کي ثقافت ۽ سماج سان ڳنڍيو ويو.

ڪجهه تحقيقن ۾ ٻڌايو ويو ته مردن ۾ اهڙا هارمونز ۽ جينز هوندا آهن جيڪي کين هر ڪم ۾ اڳرائي ڪرڻ تي مجبور ڪندا آهن.

اهڙي ريت ڪجهه جائزن ۾ دليل ڏنو ويو ته سڄي دنيا ۾ مرداڻو معاشرو آهي ۽ اهو ئي سبب آهي جو مرد محبت جي اظهار ۾ اڳرائي ڪندا آهن.

ڪجهه وقت اڳ آمريڪي ماهرن هڪ انوکي تحقيق ڪئي ۽ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته نيٺ ائين ڇو آهي جو مرد ئي اظهار ۾ اڳرائي ڪن ٿا؟

اهڙي ريت ماهرن ان حوالي سان ماضي ۾ ڪيل تحقيقن جو به مطالعو ڪيو ۽ پوءِ نتيجا گڏ ڪيا.

تحقيق لاءِ 3 هزار کان وڌيڪ رضاڪارن جون آن لائن خدمتون حاصل ڪيون ويون جنهن مان 76 سيڪڙو عورتون هيون ۽ سڀني رضاڪارن ۾ اڌ کان وڌيڪ نوجوان هئا.

ماهرن سڀني رضاڪارن کي پهريان محبت جي اظهار بابت هڪ پريس رليز ڏني جنهن ۾ تحقيق جو مقصد به ٻڌايو ويو هو.

تنهن بعد کانئن پڇيو ويو ته جيڪڏهن هنن ڪنهن سان محبت ڪئي هئي ته ان جو اظهار پهريان ڪنهن ڪيو هو؟

تحقيق ۾ مرد ۽ عورتن کانسواءِ تڪراري جنسي رجحان رکندڙ رضاڪار به شامل هئا.

نئين سروي ۽ پراڻي جاچ جي مطالعي بعد ماهرن نتيجو ورتو ته سڄي دنيا ۾ مرد ئي پهريان محبت جو اظهار ڪندا آهن.

تحقيق مان خبر پئي ته آمريڪا کان ويندي آسٽريليا ۽ برطانيا کان ويندي برازيل تائين هر هنڌ محبت جو اظهار پهريان مرد ئي ڪندا آهن.

نتيجن ۾ ان ڳالهه جو به انڪشاف ٿيو ته اهڙن معاشرن ۾ به مرد اڳ ئي اظهار ڪندا آهن جتي عورتن جي حڪمراني سمجهي ويندي آهي يا اتي عورتن کي وڌيڪ آزادي هوندي آهي.

يورپکان ايشيا ۽ آمريڪا تائين سڀني ملڪن ۾ مرد ئي پهريان محبت جو اظهار ڪن ٿا ۽ هو محبت ٿيڻ بعد پنهنجي پسند جي عورت سان رڳو 108 ڏينهن ۾ محبت جو اظهار ڪري ڇڏيندا آهن.

نتيجن مان خبر پئي ته عورتن کي محبت جو اظهار ڪرڻ يا محبت جي آڇ ڪرڻ بعد ان کي قبول ڪرڻ ۾ 122 ڏينهن لڳندا آهن.

يعنيٰ جيڪڏهن ڪنهن واقعي ۾ عورت ئي پهريان محبت جو اظهار ڪري، تڏهن به مردن جي ڀيٽ۾ دير سان ئي اظهار ڪندي آهي ۽ اهڙي ريت جيڪڏهن ڪو مرد ساڻن محبت جو اظهار ڪري تڏهن به ان کي قبول ڪرڻ ۾ وقت لڳائينديون آهن.

اهو ئي نه پر ماهرن اهو به نتيجو ورتو ته مرد محبت بعد جنسي لاڳاپن سميت ٻين ڪمن ۾ اڳرائي ڪندا آهن.

تحقيق ۾ مردن طرفان محبت جي اظهار ۾ اڳرائي ڪرڻ جا ڪيترائي سبب ٻڌايا ويا، جيئن معاشرتي قدر، جينز ۽ هارمونز جو هجڻ ۽ کليل ذهنيت جو ه جڻ وغيرا، پر گڏوگڏ اهو به ٻڌايو ويو ته اهي وجهه ٿي سگهن ٿا پر حقيقت ۾ ائين ڇو ٿيندو آهي؟ ان ج واضح جواب اڃا موجود ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.