مونس الاهي جي ڏيهه واپسي لاءِ انٽرپول سان رابطو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ق جي اڳواڻ مونس الاهي جي ڏيهه واپسي لاءِ قانوني عمل شروع ٿي چڪو آهي.
ذريعن موجب، مونس الاهي کي واپس آڻڻ لاءِ نگران وفاقي سرڪار ۽ آءِ ايف آءِ انٽرپول سان رابطو ڪيو آهي، جنهن ۾ مونس الاهي خلاف تمام ڪيسن جا تفصيل انٽرپول اختيارين سان شيئر ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته انٽرپول وٽان مونس الاهي جي گرفتاري لاءِ ريڊ نوٽيس جاري ڪرائڻ جو عمل به شروع ٿي چڪو آهي.
ذريعن موجب، ايف آءِ اي ۽ نگران حڪومت پنجاب جي نگران سرڪار کان ڊيٽا گهري هئي، صوبائي حڪومت مونس الاهي بابت سموري ڊيٽا ايف آءِ اي جي حوالي ڪري ڇڏي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مونس الاهي جي پراپرٽيز کي منجمند ۽ بئنڪ اڪائونٽس کي فريز ڪيو ويو آهي، مونس الاهي پنهنجي مختلف بئنڪ ڪائونٽس مان 48 ڪروڙ رُپيا ڪڍرايا، اِها رقم مني لانڊرنگ ۾ استعمال ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.