وڏي ڇوڪري سان شادي جي دلچسپ ۽ انوکي حقيقت

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) دنيا ۾ اهڙو ڪو ماڻهو ڳولجي ته ڏکيو هوندو جيڪو نفسياتي مسئلن جو شڪار نه هجي، اڄڪلهه جي جديد دور ۾ جتي انسان جي لاءِ سهولتون وڌي ويون آهن ۽ زندگي تيز ٿي وئي آهي ساڳئي جاءِ تي اهڙن مسئلن جو شڪار ماڻهو به تيزي سان وڌي رهيا آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو نفسياتي ماهر سان ڪچهري ڪري ۽ وٽس ايندڙ ماڻهن جي مسئلن بابت احوال وٺي ته اهو دنگ رهجي ويندو ۽ سوچيندو ته دنيا ۾ اهڙا ماڻهو به آهن!

هونئن ته نفسياتي ماهرن وٽ مختلف قسمن جا مريض ايندا آهن جن بابت توهان ٻڌندا ته حيران ٿي ويندا پر انهن مان ڪجهه اسان ظاهر ڪيون ٿا جيڪي توهان کي خبر هجڻ گهرجي.

انهن ۾ گهرواري کي مارڪُٽ ڪري خوش ٿيندڙ ، گهرواري جي ڪاوڙ واري انداز کي پسند ڪندڙ ، پنهنجي مٿي، سيني يا ٻانهن وغيره جا وار پٽڻ،. خاص قسم جو لباس پائڻ ۽ ڇوڪرين ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ ۽ گهرواري کي ڪنهن سان به کِلندي ڏسي ڪاوڙجندڙ ماڻهو شامل آهن

انهن سميت اهڙا ڪيترائي مسئلا آهن جيڪي ٻڌائڻ جهڙا به ناهن پر ماڻهو جيڪڏهن انهن تي غور ڪري ته اهي نفسياتي مسئلا آهن، پر ڳالهه ڪريون ٿا وڏي عمر جي ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ جي.

نفسياتي ماهر جي هڪ تحقيق موجب ته مرد اها خواهش رکندو آهي ته اهو پاڻ کان وڏي عمر جي ڇوڪري سان شادي ڪندو، حقيقت ۾ اهو ڪنهن ماءُ جهڙي پيار يا کوٽ کي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي جنهن جي کيس پاڻ کي به خبر ناهي هوندي، کيس ڪنهن گهرواري جي نه پر ماءُ جي ضرورت هوندي آهي.

پر اهڙي شادي ڪامياب ناهي رهندي ڇو ته مرد ان ڇوڪري کي زال ئي سمجهندو آهي جڏهن ان مان اميد وري ماءُ جهڙي پيار جي ڪندو آهي، جيڪا ڳالهه وري اها ڇوڪري ناهي سمجهي سگهندي ۽ ائين ٻنهي جي وچ ۾ ويڇا وڌڻ شروع ٿيندا آهن هتي اهو به واضح ڪندا هلون ته مرد کي به خبر ناهي هوندي ته آخر هو چاهي ڇا ٿو؟

هتي اها به ڳالهه ڪندا هلون ته مٿي ڄاڻايل مسئلا رڳو ڇوڪرن يا مردن سان ناهن ٿيندا پر ڇوڪرين مطلب ته عورتن سان به ساڳيا ئي مسئلا ٿيندا آهن. تازي تحقيق مان خبر پئي آهي ته جيڪڏهن ڪا عورت پاڻ کان ڏهه سال گهٽ عمر واري مرد سان شادي ڪري ٿي ته ان جو نتيجو طلاق ئي نڪرندو آهي.

نفسياتي ماهرن جو چوڻ آهي ته شادي جي پهرين مدي دوران ٻنهي ڄڻن کي خبر هوندي آهي ته انهن جي وچ ۾ ڪيترائي اختلاف ۽ رنڊڪون آهن، پر اهي پنهنجي رشتي کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪندا رهندا آهن پر اهو گهڻ جٽادار ناهي هوندو نيٺ ٻئي ڄڻا هڪٻئي کي سدائين جي لاءِ خدا حافظ چوڻ تائين پهچي ويندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.