ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري دعويٰ ڪئي آهي ته پيپلزپارٽي کي عمران خان حڪومت ۾ اتحادي بڻجڻ ۽ گڏجي اليڪشن وڙهڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي ان جي بدلي عمران خان حڪومت، مائنس زرداري ۽ پيپلزپارٽي هئي.
نجي ٽي وي انٽرويو ۾ اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو ته کيس ملڪ مان ٻاهر وڃڻ جو چيو ويو ۽ چيو ويو ته منهنجي پارٽي مون کانسواءِ پيپلزپارتي 6 وزارتون وٺي ۽ تحريڪ انصاف سان گڏجي اليڪشن وڙهي ڇو ته عمران خان حڪومت آصف زرداري ۽ پيپلزپارٽي کي مائنس ڪرڻ چاهي پئي.
اڳوڻي صدر اها به دعويٰ ڪئي ته عمران خان پاڪستان کي اڪيلي ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيو ۽ ملڪي معيشت کي تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو، ان لاءِ عمران خان حڪومت خلاف بي اعتمادي رٿ آڻڻ درست فيصلو هو.
هن چيو ته عمران خان کي اقتدار کان ڌار نه ڪيو وڃي ها ته هو هڪ فوجي سان گڏجي آر او اليڪشن ڪرائي 2028 تائين حڪومت ٺاهي وٺي ها، پوءِ هڪ ڪلو کير لاءِ ٽرڪ ڀري پيسا ڏيڻا پون ها.
هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري تي ئي ٿينديون، ان لاءِ سندس پارٽي ڀرپور چونڊ مهم هلائيندي.