تڪبندين جي حتمي فهرست 30 نومبر تي شائع ٿيندي: اي سي پي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ ملڪ ۾ ايندڙ سال چونڊن جي تياري جو جائزو ورتو ويو.
چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ چونڊن جي تيارين بابت الاس ۾ آگاهي دوران ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن چونڊن لاءِ مڪمل تيار آهي ۽ تڪبندين جي حتمي فهرست 30 نومبر تي ڇاپي ويندي.
اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته اليڪشن ڪميشن سياسي پارٽين جي مشاورت کانپوءِ ظابطا اخلاق جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن نوٽيفڪيشن ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ جاري ڪيو ويندو.
ياد رهي ته اليڪشن ڪميشن 8 فيبروري 2024ع جمعي جي ڏنهن سموري ملڪ ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.