دوائون ٻيڻ تي مهانگيون ڪرڻ جي منظوري جو امڪان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اقتصادي رابطا ڪاميتي طرفان دوائن جي اگهن ۾ 15 کان 125 سيڪڙو واڌ جي منظوري جو امڪان آهي.

نجي ٽي وي موجب نگران ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس جاري آهي، ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته اي سي سي اجلاس ۾ 5 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويو آهي، 262 دوائن جي ريٽيل اگهه ۾ واڌ بابت سمري اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.

اجلاس ۾ 262 دوائن جي اگهن ۾ 15 کان 125 سيڪڙو تائين واڌ جي منظوري جو امڪان آهي، ان کانسواءِ ربيع سيزن 2023 لاءِ يوريا ڀاڻ جي درآمد تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويندو، سنڌ ۽ پنجاب لاءِ ڪنۡ جي خريداري لاءِ ڪيش ڪريدٽ بابت سمري تي غور ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.