سپريم ڪورٽ جو منشيات بابت ڪيسن ۾ پوليس کي ماهراڻو طريقو اختيار ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ منشيات بابت ڪيسن ۾ پوليس ۽ ٻين ادارن کي ماهراڻو طريقو اختيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ اهو حڪم 1800 گرام چرس برآمدگي جي جوابدار جي ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي دوران ڏنو.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ منشيات بابت ڪيس جي حڪم نامي ۾ اهم آبزرويشنز ڏنيون.
عدالت چيو ته منشيات جهڙي برائي جا پري پري تائين اثر هوندا آهن، نشي جي عادي ماڻهن سبب گهر تباهه ٿيندا آهن، علاج جو مالي بار به وڌندو آهي، منشيات جهڙي برائي روڪڻ لاءِ سمورا ادارا قدم کڻن، اميد ٿا ڪيون ته ادارا بهتر ڪم ڪندا.
سپريم ڪورٽ چيو وقت اچي ويو آهي ته ملڪي ادارن ۾ اختيار رکندڙ پنهنجي ڪم ۾ مهارت آڻين، منشيات سميت ٻين ڪيسن ۾ شاهديون موبائل فون ذريعي گڏ ڪرڻ جو طريقي ڪار اختيار ڪرڻ گهرجي.
عدالت حڪم ڏنو ته حڪم نامي جي ڪاپي اي اين ايف سربراهه ۽ نارڪوٽڪس ڪنٽرول وزارت جي سيڪريٽري کي موڪلي وڃي، سڀني آءِ جيز، صوبائي هوم ڊپارٽمينٽ کي به موڪلي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.