ڊينگي وائرس جي هيل تائين ڪا مخصوص ٽيبليٽ يا انجيڪشن مارڪيٽ ۾ دستياب ناهي پر تمام جلد مريضن لاءِ ٽيبليٽ تيار ڪئي ويندي.
سڄي دنيا ۾ هر سال تقريبن 40 ڪروڙ ماڻهو ڊينگي سان متاثر ٿيندا آهن، پاڪستان ۾ وڏي انگ ۾ ڊينگي جا ڪيس سامهون ايندا آهن ۽ روڪٿام لاءِ حڪومت کي آگاهي مهم جو سهارو وٺڻو پوندو آهي.
ان خطرناڪ وائرس جي علاج جي حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، آمريڪا جي ملٽي نيشنل ڪمپني جانسن اينڊ جانسن ڊينگي جي علاج لاءِ ٽيبليٽ ٺاهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي، ڪمپني طرفان دعويٰ سامهون آئي آهي ته ٽيبليٽس جو ٽرائل ڪامياب رهيو.
ڪمپني جي بيان ۾ چيو ويو ته اين جي 1802 نالي ٽيبليٽ ذريعي جسم مان ڊينگي وائرس ختم ڪري سگهجي ٿو ۽ اها انفيڪشن به روڪي سگهي ٿي.
بيان موجب ٽرائل جي پهرئين مرحلي ۾ 15 ماڻهن کي ٽيبليٽس ڏنيون ويون، جن مان 10 ماڻهن تي اهو ٽرائل مڪمل طور تي ڪامياب رهيو.
فارمالاجسٽ جو چوڻ آهي ته اڃا ڊينگي جي گورين تي تجربا جاري آهن، جيڪڏهن اڳتي به اهو ٽرائل ڪامياب ٿئي ٿو ته اها دوا مريضن کي وڏو فائدو ڏيندي.
في الحال برازيل، فلپائن ۽ پيرو سميت 10 ملڪن جي 30 اسپتالن ۾ ان ٽيبليٽ جو ٽرائل جاري آهي.
You might also like