روسي اداڪارا پرفارمنس دوران يوڪريني فوج جي حملي ۾ مارجي وئي

روسي اداڪارا پولينا مينشخ ٿيٽر ۾ پرفارمنس دوران يوڪرين طرفان ڪيل حملي ۾ مارجي وئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب 19 نومبر تي اداڪارا والاريل يوڪرين ۾ هڪ ٿيٽر ۾ روسي فوج جي اهلڪارن جي موڪل جو جشن ملهائڻ جي هڪ تقريب ۾ پرفارمنس دوران يوڪرين جي گولاباري جو نشانو بڻي.
يوڪرين چيو ته ان حملي ۾ لڳ ڀڳ 20 روسي فوجي مارجي ويا آهن پر روسي اختيارين ان تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو.
ميڊيا موجب جنهن وقت يوڪريني فوج طرفان حملو ڪيو ويو ته روسي اداڪارا ٿيٽر ۾ اسٽيج تي پرفارم ڪري رهي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.