خاور مانيڪا اهي ڳالهيون 6 سال اڳ ڪري ها ته ڪا اهميت هجي ها: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) ناليواري قانوندان اعتزاز احسن چيو آهي ته خاور مانيڪا اهي ڳالهيون 6 سال اڳ ڪري ها ته ڪا اهميت هجي ها.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته 9 مئي جا ڪجهه جوابدار چون ٿا ته فوجي عدالتن تي اعتماد آهي، جيل ۾ ٿيندڙ ٽرائل ماضي جو قصو آهي، هڪ ماڻهو کي سيڪيورٽي نٿا ڏئي سگهو ته 24 ڪروڙ عوام ڪي ڪيئن ڏيندئو؟ عمران خان جو ٽرائل، ٽرائل ڪورٽ ۾ ٿيڻ گهرجي، جيل ۾ ٽرائل بلڪل نٿو ٿي سگهي.
هن چيو ته خاور مانيڪا اهي ڳالهيون 6 سال اڳ ڪري ها ته ان جي ڪا اهميت هجي ها، خاور مانيڪا جي ٽرين ان ئي پاڙي مان اچڻ کانپوءِ بيٺي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.