ڪرسي جي بک ڪيترن ئي ماڻهن کي وائکو ڪري ڇڏيو: شازيا مري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ شازيا مري چيو آهي ته ڪرسي جي بک ڪيترن ئي ماڻهن کي وائکو ڪري ڇڏيو، اسان ليول پليئنگ فيلڊ هر هڪ لاءِ گهرون ٿا.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شازيا مري چيو اسان جي ليکي ميثاق جمهوريت کانپوءِ چور دروازا بند ٿي ويا آهن پر بدقسمتي سان اڃا تائين ڪٿي ڪنڊي کليل لڳي رهي آهي، جڏهن به ادارا آئين کان ٻاهر نڪتا آهن ته ملڪ ۽ جمهوريت کي نقصان ٿيو آهي.
هن چيو فخر سان چوان ٿي ته پ پ سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن ۽ هاڻ به تيار آهي، ملڪ ۾ عوام جي مرضي سان اقتدار نه ملي ته مايوسي ٿيندي آهي، اسان جي ويڙهه ڪنهن جماعت سان ناهي نه پر بک سان آهي، سدائين حق جي ڳالهه ڪئي آهي.
سندس چوڻ هو ته آصف زرداري 2013 جي چونڊن جا نتيجا خدشن باوجود قبول ڪيا هئا، هاڻ وري چيو پيو وڃي ته اسان جي ڳالهه ٿي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.