ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت اوقاف کاتي جي سموري پراپرٽي جي سب ليز تي پابندي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ اوقاف کاتي جي پراپرٽي جي ريٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي.
قانون ۽ اوقاف کاتي واري وزير عمر سومري جي صدارت هيٺ اوقاف کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اوقاف کاتي جي سموري پراپرٽي جي سب ليز تي پابندي جو فيصلو ڪيو ويو.
عمر سومري هدايت ڪئي ته اوقاف کاتي جي پراپرٽي جي سب ليز تي پابندي لڳائي وڃي.
اجلاس ۾ سڄي صوبي ۾ اوقاف کاتي جي پراپرٽي جي ريٽ جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي، عمر سومري چيو ته ڪميٽي 10 ڏينهن ۾ جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪندي.
اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪميٽي اهو به جائزو وٺندي ته اوقاف کاتي جي سموري پراپرٽي جو نئون ريٽ ڪيترو هجڻ گهرجي.
You might also like