ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مذهبي معاملن بابت وزير انيق احمد ايندڙ سال حج جي خواهشمند ماڻهن کي وڏي خوشخبري ٻڌائيندي چيو آهي ته حج جي رقم وڌيڪ گهٽ ڪنداسين.
انيق احمد حاجي ڪئمپ جو دورو ڪيو، ان موقعي تي هن چيو ته حج پانڌيئڙن کي سهولت ڏيڻ اسان جي ذميواري آهي، حاجي ڪئمپ جي عمارت گهڻي پراڻي ٿي وئي آهي.
هن چيو ته حج جا خرچ هڪ لک رپين تائين گهٽ ڪيا ويا آهن ۽ وڌيڪ گهٽتائي جي ڪوششن ۾ آهيون، اڳ ايميگريشن جي سهولت اسلام آباد ۾ هئي، هاڻ ڪراچي کي به شامل ڪيو ويو آهي، حج اڏام جي شروعات اسڪردو کان به شروع ڪري رهيا آهيون.
سندس چوڻ هو ته هن سال کان پاڪستاني عورتن کي عبايو ڏنو ويندو ۽ ان جي پويان پاڪستان جو پرچم هوندو ۽ سموري سهولت حاجين لاءِ مفت هوندي.
انيق احمد چيو ته حاجين لاءِ موبائل فون ايپ به متعارف ڪرائي رهيا آهيون، نه سامان گم ٿيندو ۽ نه حاجي گم ٿيندو، حاجي وڃائجي وڃن ته ايپ رهنمائي ڪندي.
You might also like