واٽس ايپ طرفان نيٽ اِهو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي جيڪو پهريان واهپيدارن لاءِ موجود نه هيو.
آءِ او ايس ڊيوائسز لاءِ واٽس ايپ طرفان اڪائونٽس ۾ لاگ اِن ٿيڻ جو متبادل طريقيڪار متعارف ڪرايو ويو آهي.
هن طريقيڪار تحت واهپيدار پنهنجو اي ميل ايڊريس استعمال ڪري واٽس ايپ اڪائونٽ تي لاگ اِن ٿي سگهندا.
ان ڏس ۾ ميٽا طرفان باظابطا اعلان ته ناهي ڪيو ويو پر ويب بيٽا انفو جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي نئون فيچر آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.
فيچر استعمال ڪرڻ جو طريقو
فيچر کي استعمال ڪرڻ لاءِ آءِ فون واهپيدارن کي واٽس ايپ کي اَپ ڊيٽ ڪرڻو پوندو.
ان کانپوءِ واٽس ايپ اوپن ڪري سيٽنگز ۾ وڃي اتي اڪائونٽ واري آپشن تي ڪلڪ ڪريو.
ان جاءِ تي اوهان کي اي ميل لاگ اِن نظر ايندو، جنهن کي ان ايبل ڪري پنهنجو اي ميل ايڊريس لکو.
هي فيچر اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو ان بابت ڪجهه به چوڻ مشڪل آهي.