ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مختلف ويب سائيٽن تي ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينجز ۽ جوا جي اشتهارن جي پابندي لاڳو ڪئي وئي ۽ عوام کي سيڙپڪاري ۾ احتياط ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.
سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) ڪرپٽو ڪرنسي ۽ جوا جي آن لائن پليٽ فارمز جي اشتهارن جو نوٽيس ورتو.
ان حوالي سان سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان پڌرائي جاري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ غير قانوني سيڙپڪار ڪمپنين جا اشتهار ڏيکارڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ويب سائيٽس تي ڪرپٽو ڪرنسي ايڪسچينجز اشتهارن تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، ڪرپٽو ڪرنسي تحٽ جوا جي آن لائن پليٽ فارمز جا اشتهار نه هلايا وڃن.
ايس اي سي پي ڪمپنين کي اڳ کان ڪيل اهڙا معاهدا رد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اهڙيون ڪمپنيون راندين جي مختلف پروگرامن ۽ تقريبن جي اسپانسر شپ لاءِ ڪم ڪنديون آهن.
پڌرائيءَ موجب عوام اهڙي انٽرنيٽ پليٽ فارمز ۽ موبائل ايپس ۾ سيڙپڪاري ڪندي احتياط ڪري، ڪنهن به ريگوليٽر ان قسم جي پليٽ فارم يا سيڙپڪاري جي اسڪيمن جي منظوري ناهي ڏني.
You might also like