1992 ۽ 2023 واري ورلڊ ڪپ ۾ هڪجهڙائي، آءِ سي سي حقيقت ٻڌائي ڇڏي

دبئي ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ آسٽريليا جي فتح سان پڄاڻي تي پهتو، پوري ورلڊ ڪپ ۾ ڪيئي دلچسپ ۽ يادگار ميچون ٿيون جڏهن ته هر ڀيري جيان هن دفعي به ڪيئي تڪرار سامهون آيا جنهن کي وسارڻ ڏکيو آهي.

ڀارت ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ بابت آءِ سي سي هڪ دلچسپ حقيقت ٻڌائي آهي.

سوشل ميڊيا ايڪس تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ آءِ سي سي ٻڌايو ته ورلڊ ڪپ 2023ع جي ڏهن ٽيمن جو ” سرڪل آف پيريٽي “ مڪمل ٿي ويو .

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب، 1992ع واري ورلڊ ڪپ ايڊيشن کانپوءِ پهريون ڀيرو ايونٽ جي هر ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميچ لازمي کٽي.

جيتوڻيڪ ڀارت مسلسل ڏهه ميچن ۾ ناقابلِ شڪست رهيو ته فائنل ۾ آسٽريليا جي ڀارت خلاف فتح سان تمام ڏهه ٽيمن لاءِ برابري جو دائرو مڪمل ٿي ويو، يعني هر ٽيم گهٽ ۾ گهٽ هڪ ميچ کٽي، ۽ هر ٽيم هڪ ميچ به هارائي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.