ڀارت کي ڌوڙ ڪندڙ پيٽ ڪمنز مسلمان رانديگر خاطر شراب پارٽي کان انڪار ڪري ڇڏيو

آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع جو ٽائٽل پيٽ ڪمنز جي قيادت ۾ آسٽريليا جي نالي رهيو، پيٽ ڪمنز يقينن ڪو معمولي ڪپتان ناهي، هو هڪ ذهين انسان، پنهنجي قول جو پڪو ۽ مخالف ٽيمن جي ذهنن سان کيڏڻ جو ماهر آهي.
پيٽ ڪمنز ڀارت خلاف ورلڊ ڪپ جي فائنل کان اڳ چيو هوته ڪنهن به ڪرڪيٽر لاءِ ان کان وڏي ڳالهه ڇا هوندي جڏهن لکين تماشائين سان ڀريل اسٽيڊيم ۾ خاموشي ڇائنجي وڃي ۽ هو ائين ڪرڻ جي خواهش رکي ٿو.
19 نومبر هن ائين ڪري ڏيکاريو جڏهن ته ڪمنز ڪوهلي جي وڪيٽ حاصل ڪئي ته احمد آباد جي نريندي مودي اسٽيڊيم ۾ خاموشي ڇائنجي وئي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته کيس ڀارتي تماشائين کي خاموش ڪرائي اطمينان مليو.
پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، پيٽ ڪمنز ساٿي رانديگرن جي جذبن جو خاص احترام ڪندو آهي، ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ فتح جي موقعي تي جڏهن آسٽريلوي ٽيم شراب سان جشن ملهائڻ چاهيو ته ٽيم شامل مسلمان رانديگر عثمان خواجا پنهنجي مذهبي عقيدي سبب جشن ۾ حصو نه ورتو.
ان موقعي تي آسٽريلوي ڪپتان پنهنجي ساٿي رانديگرن کي شراب سان جشن ملهائڻ کان روڪي ڇڏيو.
ڪمنز جي ان عمل ماڻهن جو دليون کٽي ورتيون ۽ سندن مان مرتبي ۾ اضافو ٿيو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.