عمران جي اپيل منظور، سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائل رد، جج جي مقرري درست قرار

اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان  خلاف سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائيل جو 29 آگسٽ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي جج جي مقرري صحيح  قرار ڏئي ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ ٻڌڻي کان پوءِ فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو جاري ڪيو ويو آهي. آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج جي مقرري بابت به فيصلو جاري ڪيو ويو. عدالت جيل ٽرائل جي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي انٽراڪورٽ اپيل منظور ڪندي  سائفر ڪيس ۾ جيل ٽرائيل جو 29 آگسٽ جو نوٽيفڪيشن ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته غير معمولي حالتن ۾ ٽرائل جيل ۾ ڪري سگهجي ٿو. قانون موجب جيل ٽرائل اوپن يا ان ڪيمرا ٿي سگهي ٿو. جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته 13 نومبر تي ڪابينا جي منظوري کان پوءِ جيل ٽرائل جو نوٽيفڪيشن ماضي جي فيصلن تي لاڳو نه هوندو. عدالت آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ عدالت جي جج جي مقرري بابت به فيصلو جاري ڪيو ۽ آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي جج جي مقرري کي صحيح قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.