سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان دائود يونيورسٽي ۾ تعليمي سرگرمين دوران احتجاج تي پابندي

ڪراچي (رپورٽر) دائود يونيورسٽي جي شاگردن مٿان وي سي خلاف احتجاج، پريس ڪانفرنس  سميت غير تعليمي سرگرمي تي پابندي لاڳو، عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪندڙ شاگردن خلاف قانوني ڪارروائي جو حڪم، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ دائود انجنئرنگ يونيورسٽي جي وي سي پاران ريسٽيڪيٽ ڪيل 12 شاگردن پاران داخل ڪرايل درخواست تي ٻڌڻي دوران متاثر شاگردن ۽ دائود يونيورسٽي جا وڪيل پيش ٿيا، يونيورسٽي جي وڪيل مولوي اقبال حيدر عدالت کي ٻڌايو ته ريسٽيگيٽ ڄاڻايل شاگردن يونيورسٽي اندر قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي، احتجاجي مظاهرا ڪيا تعليمي سرگرميون متاثر ٿيون، يونيورسٽي جي قانون موجب 6 مهينن لاءِ انهن جي داخلا رد ڪئي وئي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس جسٽس عقيل عباسي چيو ته تعليمي سرگرمين دوران ڪنهن به شاگرد توڙي سياسي ونگ سان تعلق رکندڙ ڪارڪن کي احتجاج ڪرڻ يا مادرعلميءَ جو ماحول خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، چيف جسٽس وڪيلن ۽ شاگردن کي دائود يونيورسٽي يا ان جي وائيس چانسلر خلاف ڪنهن به قسم يا احتجاج ڪرڻ کان سختيءَ سان منع ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.