نوجوان ڪوچن جي ڪير به عزت نه ڪندو، سرفراز کي ڪپتان بڻايو وڃي: جاويد ميانداد

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي ڪپتان جاويد ميانداد قومي ٽيم لاءِ نوجوان ڪوچز مقرر ڪرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
پنهنجي هڪ بيان ۾ اڳوڻي ڪپتان جاويد مياندان چيو ته ڪوچز ۽ رانديگرن وچ ۾ عمر جو فرق هئڻ گهرجي، عمر جو فرق نه هوندو ته عزت به نه ٿيندي، بابر اعظم کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي قيادت تان انهن هٽايو جن کي ڪرڪيٽ ئي ناهي ايندي.
جاويد ميانداد چيو ته آسٽريليا خلاف سرفراز احمد کي نه رڳو پاڪستان ٽيم ۾ شامل ڪرڻ گهرجي پر کيس تجربي جي بنياد تي ڪپتان به هئڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته قومي ٽيم لاءِ پرڏيهي ڪوچز مقرر ڪرڻ سينيئر ڪرڪيٽرن جي توهين آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا اسان جي سينيئر ڪرڪيٽرن منجهه سيکارڻ جي صلاحيت نه آهي؟ .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.