ڪاٺي مان ٺهيل دنيا جي پهرين سيٽلائيٽ ايندڙ سال لانچ ڪئي ويندي

ڪيوٽو:آمريڪي خلائي اداري ناسا ۽ جاپان ايرو اسپيس ايڪسپلوريشن ايجنسي (جي اي ايڪس اي) خلائي تحقيق کي وڌيڪ جٽادار بنائڻ لاءِ دنيا جو پهريون ڪاٺي مان تيار ڪيل هٿرادو (سيٽلائيٽ) ايندڙ سال لانچ ڪندا.
جاپان جي ڪيوٽو يونيورسٽي سان واسطو رکندڙ محقق ڪوجي مراتا ان بابت تحقيق ڪري رهيو آهي ته ڪيئن حياتياتي مواد کي خلائي تحقيق لاءِ استعمال ڪري سگھجي ٿو.
نيشنل اوشيئنگ اينڊ ايٽماسفيئرڪ ايڊمنسٽريشن جي هڪ تحقيق موجب اسٽريٽواسفيئر ۾ موجود 10 سيڪڙو ايٽموسفيرڪ ايروسول (ڪنهن گيس ۾ ٺوس يا پاڻياٺ ذرڙن جي موجودگي جيڪي دونهين يا ڌنڌ جو سبب بڻبا آهن) ۾ اسپيس ڪرافٽ مان نڪرندڙ ڌاتي ذرڙا هوندا آهن.
جيتوڻيڪ ان جا ڊگھي مدي وارا اثر نامعلوم آهن پر سائنسدانن کي ڳڻتي آهي ته اهي زمين جي اوزون تهه کي نقصان پهچائي سگھن ٿا.
ڪوجي مراتا موجب ڪاٺي جي سيٽلائيٽ جو خيال ان ڪري پرڪشش آهي ڇو جو اهو ڌاتو جي اوزار جو متبادل هجڻ سان گڏ سياري لاءِ بهتر ٿي سگھي ٿو.
هنن وڌيڪ چيو ته پنهنجي زندگي جي آخر ۾ سيٽلائيٽ ٻيهر ايٽماسفيئر ۾ داخل ٿيندا آهن. پر لنگو سيٽ ان لاءِ مختلف آهي جو ان جي ڪاٺي سڙي گيس بڻجي ويندي آهي جڏهن ته ڌاتو جا سنهڙا ذرڙا بڻجي ويندا آهن. ڪاٺي جو استعمال ان لاءِ به مقبول آهي ڇو جو وزن جي اعتبار سان ان جي مضبوطي المونيم جي برابر آهي.
لنگو سيٽ سيٽلائيٽ ايندڙ سال جي شروع ۾ خلا ۾ موڪليو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.