ڀارت ۾ ”حلال“ کاڌي تي پابندي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ وڏي وزير يوگي ادتيه ناٿ جي حڪومت ”حلال“ ٽيگ وارين کاڌي پيتي جي شين جي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي.
اتر پرديش ۾ فوڊ ڪمشنر جي آفيس طرفان هڪ حڪم نامو جاري ٿيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته حلال جي سرٽيفڪيٽ سان شين جي تياري، ذخيري، وڪري تي فوري طور پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.
حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته کاڌي جي شين جي حلال سرٽيفڪيشن هڪ متوازي نظام آهي، جيڪو کاڌي پيتي جي شين جي حوالي سان مونجهارو پيدا ڪري ٿو، کاڌي پيتي جي شين جي معيار جو فيصلو ڪرڻ جو حق قانون تحت لاڳاپيل اختيارين ۽ ادارن وٽ آهي، جيڪي ايڪٽ جي قلمن تحت معيار جي جاچ ڪندا آهن.
رياستي حڪومت پنهنجي ان قدم جي دفاع ۾ چيو آهي ته اهو قدم هڪ ڪمپني ۽ ٻين ڪجهه تنظيمن خلاف مبينا طور تي جعلي حلال سرٽيفڪيٽ ذريعي شين جي وڪرو وڌائي ماڻهن جي مذهبي جذبن جو استحصال ڪرڻ جي الزام ۾ داخل ڪيس کانپوءِ کنيو ويو آهي.
اهو ڪيس حلال انڊيا پرائيويٽ لميٽيڊ چنئي، جمعيت علماءِ هند حلال ٽرسٽ دهلي، حلال ڪائونسل آف انڊيا ممبئي، جمعيت علماءِ مهاراشٽرا ۽ ٻين تنظيمن خلاف داخل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ انهن تي مختلف شين جو وڪرو وڌائڻ لاءِ جعلي حلال سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو الزام هنيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.