آءِ سي سي ٽرانس جينڊرز جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي مڙهي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي صنفي قابليت وارن ظابطن ۾ اهم ڦيرڦار بعد هاڻ ٽرانس جينڊر عورتن جي عالمي مقابلن ۾ حصو نه وٺي سگهندا.

ڊينيئل ميڪ گيهي، جيڪا هلندڙ سال جي شروعات ۾ عالمي ڪرڪيٽ ۾ شامل ٿيڻ واري پهرين ٽرانس جينڊر پليئر بڻي هئي، آئي سي سي جي صنفي قابليت جي ضابطن ۾ اهم تبديلي کانپوءِ هاڻي عورتن جي بين الاقوامي مقابلن ۾ حصو نه وٺي سگهندي.

دينيئل ميڪ گيهي
دينيئل ميڪ گيهي

ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، آءِ سي سي بورڊ پاران منظور ڪيل نون ضابطن تحت، ڪو به رانديگر جيڪو مرد مان عورت ڏانهن منتقل ٿيو آهيان کي عورتن جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هوندي.

آسٽريليا ڄائي 29 سالا بيٽر ميڪ گيهي تي 2020ع ۾ ڪئناڊا منتقل ٿي ۽ 2021ع ۾ جنس تبديل ڪرائي پاڻ کي مرد مان عورت بڻائي ڇڏيو.

سيپٽمبر 2023 ۾ هن ڪئناڊا لاءِ عورتن جي ٽي 20 آمريڪي ڪواليفائر ۾ حصو ورتو .

ميڪ گيهي جنس تبديل ڪرائڻ بعد هن هينئر تائين ڇهه ٽي 20 ميچون کيڏيون آهن، 19.66 جي ايوريج ۽ 95.93 جي اسٽرائڪ ريٽ سان 118 رنسون ٺاهيون آهن.

ڪرڪ انفو جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته آءِ سي سي راندين جي اسٽيڪ هولڊرز سان 9 مهينن جي مشاورت کانپوءِ نئين پاليسي کي حتمي شڪل ڏني وئي جنهن تحت هاڻ ٽرانس جينڊر عورتن جي عالمي مقابلن ۾ حصو نه وٺي سگهندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.