نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي سپريم ڪورٽ تعليم جي دٻاءَ سبب آپگهات ڪندڙ شاگردن جي موت جو ذميوار سندن والدين کي قرار ڏئي ڇڏيو.
اڱاري تي ڀارتي سپريم ڪورٽ ۾ شاگردن جي آپگهات جو ذميوار ڪوچنگ سينٽرن کي قرار ڏيڻ جي معاملي تي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ چيو ته ادارا نه والدين ڏوهي آهي، جيڪي ٻارن تي غير ضروري دٻاءُ وجهندا آهن.
جسٽس سنجيو کنه ۽ ايس وي اين ڀٽي تي ٻڌل ڊويزن بئنچ چيو ته ڪوٽا ڪوچنگ انسٽيٽيوٽ کي ذميوار قرار نٿو ڏئي سگهجي، والدين انتهائي چٽاڀيٽي جي ماحول ۾ پنهنجي ٻارن تي غير ضروري دٻاءُ وجهندا رهيا آهن، جنهن سبب شاگرد پنهنجون زندگيون ختم ڪري رهيا آهن.
ڪوٽا ڀارتي رياست راجسٿان ۾ هڪ علائقو آهي، جنهن کي ڀارت جو ڪوچنگ هب چيو ويندو آهي، اتي وڏين يونيورسٽين ۾ داخلائن لاءِ تياري ڪرائي ويندي آهي.
ڪيترن ئي شاگردن ڪوٽا ۾ وڌيڪ دٻاءَ سبب آپگهات ڪيا آهن، راجسٿان جي ڪوٽا ضلعي ۾ هن سال تقريبن 24 آپگهاتن جا اطلاع مليا آهن، جتي اسڪول ويندڙ ٻارن کي انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل ڪوچنگ فراهم ڪندڙ ادارا آهن.
بئنچ چيو آپگهات ان ڪري ٿي رهيا آهن ته ٻار پنهنجي والدين جي اميدن تي پورا نٿا لهي سگهن، مرندڙن جو انگ ان کان وڌيڪ به ٿي سگهي ٿو.
Prev Post
You might also like