بالي ووڊ پروڊيوسر، ڊائريڪٽر ۽ اداڪار اجي ديوگن ”باجي رائو سنگهم“ جي روپ ۾ واپس اچي ويو، هو ”سنگهم اگين“ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوليس آفيسر جي روپ ۾ نظر ايندو.
فلم جي شوٽنگ اڳ ئي شروع ٿي چڪي آهي، هدايتڪار روهت شيٽي انسٽاگرام تي اجي ديوگن جي پهرين جهلڪ شيئر ڪئي آهي.
هن ان ڪردار کي ”زخمي شينهن“ طور ٽيگ ڪيو آهي.
ان فلم ۾ دپيڪا پڊڪون، ٽائيگر شروف، اڪشي ڪمار ۽ رنوير سنگهه جهڙا ستارا شامل آهن، جڏهن ته ڪرينا ڪپور مک ”اوني باجي رائو سنگهم“ جو ڪردار ادا ڪندي.
Next Post
You might also like