محمد عباس کي پاڪستان ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ جو سبب سامهون اچي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا جي دوري لاءِ فاسٽ بالر محمد عباس کي 18 رڪني اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ تي چيف سليڪٽر جو بيان سامهون اچي ويو.
گذريل ڏينهن پريس ڪانفرنس ڪندي چيف سليڪٽر وهاب رياض فاسٽ بالر محمد عباس تي حسن علي، خرم شهزاد ۽ مير حمزا کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلي بابت وضاحت ڏيندي چيو ته آسٽريلوي ڪنڊيشنز کي نظر ۾ رکندي ٽيم چونڊي وئي آهي.
هن چيو ته محمد عباس سٺو بالر ۽ سندس ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ پرفارمنس شاندار رهي آهي جنهن تي نظر رکي آهي، اسان آسٽريلوي ڪنڊيشنز ۾ بال وڌيڪ بائونس ۽ ريورس ٿيندو آهي ۽ حسن علي وڌيڪ ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو.
ياد رهي ته محمد عباس پاڪستان جي نمائندگي ڪندي 25 ٽيسٽ ميچن ۾ 90 وڪيٽون حاصل ڪيون آهن، فاسٽ بالر 2021ع ۾ آخري ٽيسٽ ويسٽ انڊيز خلاف کيڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.