ڪراچي ۾ ڏينهن ڏٺي 9 مهينن جو ٻار اغوا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) قيوم آباد ڊي ايريا مان 9 مهينن جو ٻار اغوا ٿي ويو، پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
ڊفينس ٿاڻي تي مغوي ٻار جي پيءَ جي فرياد تي 9 مهينن جي ٻار جي اغوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته گهٽي ۾ 6 ورهين جي ٻارڙي 9 مهينن جي ٻار سان گڏ کيڏي رهي هئي ته رڪشي ڊرائيور ۽ عورت ٻنهي کي اغوا ڪري ويا پر چار ڪلاڪن کانپوءِ ٻارڙيءَ کي ڪراسنگ وٽ ڇڏيو ويو.
مغوي ٻار جي ماءُ دانهيندي چيو ته منهنجا ٻه ٻار فوت ٿي چڪا آهن، هي منهنجو اڪيلو پٽ آهي، خدا جي واسطي کيس آزاد ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.