ميڪسويل، هيڊ جي گهرواري ۽ ڌيءَ کي ڀارتين پاران ريپ ۽ قتل جون ڌمڪيون

آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي فائنل کانپوءِ سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان آسٽريلوي ڪرڪيٽرز جي گهرڀاتين کي مسلسل هراسان ڪيو پيو وڃي.

ورلڊ ڪپ 2023 جي فائنل ۾ ڀارت کي آسٽريليا هٿان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو پر ڀارتي شوقينن کان هار برداشت نه ٿي ۽ ڀارتين جو تعصباڻو چهرو وائکو ٿي ويو .

مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي فائنل ۾ سينچري اسڪور ڪندڙ آسٽريلوي بيٽر ٽريوس هيڊ جي زال جيسيڪا ڊيويس ۽ ڌيءَ کي ريپ ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون ويون.

ان کانسواءِ آسٽريلوي ڪرڪيٽر گلين ميڪسويل جي ڀارتي گهرواري ويني رامن به سوشل ميڊيا تي واهپيدارن طرفان ڌمڪي جوڳا پيغام موڪلڻ جو انڪشاف ڪيو آهي.

هن انسٽا اسٽوري شيئر ڪندي سوشل ميڊيا تي ڌمڪي ڏيندڙ کي سخت مذمت جو نشانو بڻايو ۽ چيو ته ڪرڪيٽ جا مداح ڪنهن جي توهين، نفرت ۽ بدتميزي ڪرڻ کانسواءِ به پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪري سگهن ٿا.

ويني پنهنجي ڀارت جي دوري دوران گهرڀاتين سان ورتل تصويرون ۽ وڊيوز انسٽاگرام تي شيئر ڪيون ۽ گڏوگڏ هڪ نوٽ پڻ پوسٽ ڪيو.

ويني رامن نوٽ ۾ لکيو ته توهين جوڳا ۽ بدتميزي سان ڀرپور پيغام موڪليندڙ مداح تهذيب جي دائري ۾ به رهي سگهن ٿا.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Vini Maxwell (@vini.raman)

هن وڌيڪ لکيو ته يقين نه ٿو اچي، اوهان ڀارتي هوندي به ان ملڪ کي سپورٽ ڪري سگهو ٿا جتي اوهان ڄاوا آهيو ۽ وڏا ٿيا آهيو، ان کانسواءِ اوهان ان ٽيم کي به سپورٽ ڪري سگهو ٿا جنهن جي نمائندگي اوهان جو مڙس يا ٻارجو پيءَ ڪري رهيو آهي.

هن سوشل ميڊيا ٽرولرز ۽ ڌمڪي جوڳا بيان موڪليندڙ کي آپي ۾ رهڻ ۽ دنيا جي ٻين اهم مسئلن تي ڌيان ڏيڻ جو مشورو به ڏنو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.