ورلڊ ڪپ 2023 نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ۾ ٿيل آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي جنهن دوران سڀ کان وڌيڪ تماشائين اسٽيڊيمز جو رخ ڪيو.

آءِ سي سي موجب، ڀارت ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ دوران ٻارنهن لک پنج هزار کان وڌيڪ تماشائين اسٽيڊمز جو رخ ڪيو، ٽورنامينٽ جون ڇهه ميچون اڃا باقي ئي هيون ته تماشائين جو انگ هڪ ملين کان وڌي چڪو هو.

آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ براڊ ڪاسٽ ۽ ڊجيٽل ويورشپ جا به رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا آهن.

آءِ سي سي موجب، 14 آڪٽوبر تي نريندر مودي اسٽيڊي۾ ٿيل پاڪ-ڀارت ميچ اسٽيڊيم ۾ سڀ کان وڌيڪ ڏسي ويندڙ مئچ هئي.

ٻئي پاسي آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ ۾ 2015ع ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ 10 لک 16 هزار تماشائين ڏٺو هيو.

ياد رهي ته ان ان کان اڳ 2019ع ۾ انگلينڊ ۾ تماشائين جو انگ 7 لک 52 هزار هيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.