ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت جي شڪست تي مايوس ٻن نوجوانن زندگيءَ جو انت آڻي ڇڏيو

ورلڊ ڪپ 2023 جي فائنل ۾ آسٽريليا، ڀارت کي هارائي رڪارڊ ڇهون ڀيرو عالمي ڪپ جو ٽائٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو، ان شڪست جتي ڀارتي رانديگرن کي مايوس ڪري ڇڏيو اتي ڀارتي مداحن شڪست سبب پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.

پرڏيهي ميڊيا موجب، ڀارتي رياست بئنگال جي شهر بنڪورا مبينا طور ٻن مداحن 23 ورهين جي راهول ڀارت جي شڪست  تي مايوس ٿي آپهگات ڪري ڇڏيو.

ٻئي پاسي جئپور ۾ ڀارتي ٽيم جي مداح ديو رانجن به ورلڊ ڪپ فائنل ۾ ڀارتي ٽيم جي آسٽريليا هٿان شڪست تي دل شڪستو ٿي زندگي جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو.

ميڊيا رپورٽن موجب، ديو رانجن ايموشنل ڊس آرڊر بيماري جو علاج ڪرائي رهيو هو، ڀارت جي شڪست کان پوءِ هو گهران نڪري ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.